تاج حيدر

تاج حيدر

تاج حيدر

تاج حيدر: ناميارو سياستدان ۽ ليکڪ تاج حيدر، 8 مارچ 1942ع ۾ ڀارت جي موجوده راجسٿان رياست جي ’ڪـــوٽـاهه‘ بستيءَ ۾ پيدا ٿيو. نامياري دانشور پروفيسر سيد ڪرار حسين جو وڏو فرزند آهي. ابتدائي تعليم رنڇوڙ لائين ڪراچيءَ جي سرڪاري بوائز اسڪول مان حاصل ڪيائين ۽ انٽر خيرپورميرس مان ڪيائين. هن 1962ع ۾ بي. ايس. سي ۽ 1964ع ايم. ايس. سيءَ جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. 1980ع ۾ ٻاهرئين ڪاروبار جي ڄاڻ (Export marketing) جو هڪ ڪورس مڪمل ڪيائين. اردو ادب، ڊرامــا نويسيءَ، فنونِ لطيفه ۽ علم سان وڏو لڳاءَ اٿس. سندس ڪيترا سياسي ۽ ادبي مضمون اڪثر اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن. تاج حيدر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي باني ميمبرن مان آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي فڪر جو حامي رهيو آهي. غريبن، مظلومن ۽ پُٺتي پيل طبقن جي هر موقعي تي ڀلائيءَ ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو آهي. 1978ع کان 1985ع تائين پاڪستان ٽيليويزن لاءِ ڪيترا ڊراما لکيائين، جن مان سندس نقطه نظر جو اظهار ٿئي ٿو. هن پاليسي رٿابنديءَ هيٺ پاڻي ۽ بجلي، تعليم ۽ پاڪستان جي ڪجهه وڏن منصوبن جي حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو آهي. جن مان ڪي هي آهن: سئنڊڪ مِنرل ڊيولپمينٽ پروجيڪٽ، هيوي مڪئنيڪل ڪامپليڪس منڇر ڍنڍ، لال شهباز ايئرپورٽ سيوهڻ، حب ڊئم، ٿر ۾ ڪوئلي جون کاڻيون ۽ صحت، تعليم ۽ سماجي شعبن جا منصوبا وغيره. هن دنيا جي ڪيترن ملڪن جو سفر ڪيو آهي. جولاءِ 1995ع ۾ ڪمال ظفر کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ کان پوءِ تاج حيدر کي سينيٽ جي سيٽ تي پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي چونڊيو ويو. هي هن وقت سينيٽ جي صعنتي پيداوار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تحقيق جي اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ تاج حيدرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو